اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ ۾ آپوزيشن ميمبر ن چيوآهي ته اين ايف سي ايوارڊ کان بغِير بجيٽ پيش ڪرڻ آئيني لحاظ کان سهي نه آهي، فاٽا سڌارن تي عمل ڪرڻ سان ئي فاٽا جي عوام جا مسئلا گھٽ ٿيندا، جڏهن ته حڪومت ميمبرن چي آهي ته معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي. پاڪستان بيت المال جي فنڊ وڌڻ سان غريب ماڻهن کي وڌيڪ مالي امداد ڏئي سگھجي ٿي، 2030 تائين پاڪستان دنيا جي 20 معاشي ملڪن ۾ داخل ٿي ويندو، جمعي تي سينيٽ اجلاس دوران بجيٽ 2017-18 جي بحث ۾ حصو وٺندي پ پ پ جي سينٽر رحمان ملڪ چيو ته حڪومت پاران ورتل قرضن جي واڌ سان عوام ۽ ،معيشت تي دٻاءُ وڌندو آهي، هن چيو ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي، حڪومت ۽ پارليامينٽ کي سوچڻ گھرجي ته ڏکئي وقت مان ملڪ کي ڪيئن ڪڍڻو آ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فنڊ رکڻ جي ضرورت آهي، سنيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته ڪينٽ جي اختيارن کي تسليم نه ڪرڻ وفاق کي تسليم نه ڪرڻ جي برابر آهي. انيدڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ گھٽ ترقي واري علائقن لاءِ تمام گھٽ فنڊ رکيا ويا آهن، انهن علائقن جي ترقي تي وڌيڪ پئسا خرچ ڪرڻ گھرجن جيڪي پوئتي پيل آهن. سينيٽر نجما حميد چيو ته حڪومت بجيٽ ۾ هارين جي صحولت جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن. ڀاڻ سستو ڪيو ويو آهي، صحت جي شعبي لاءِ به وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن. هن چيو ته اها غريب دوست بجيٽ آهي جنهن ۾ ڪابه ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي، سينيٽر دائود اچڪزئي چيو ته حڪومت کي بجيٽ کان اڳ اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ گھرجي هان، فاٽا سڌارن تي عمل ڪرڻ سان ئي فاٽا جي عوام جا مسئلا گھٽ ٿي ويندا، سينيٽر جاويد عباسي چيو ته 2013 جي اليڪشن جون حالتون اسان کي اڳيان رکڻ گھرجن ۽ ڏسڻ گھرجي ته ان وقت اسان جي معيشت ڪٿي بيٺي هئي، اليڪشن ۾ اسان انتها پسندي جي خاتمي، معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ جو منشور ڏنو ويو، هن چيو ته موجودا حڪومت جي دور ۾ ٽيڪس اڳاڙي 1946 مان وڌي 35 سئو 20 ارب روپين تائين پهچي ويئ آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به وڌي چڪا آهن. غريب دوست بجيٽ آهي، هن چيو ته ننڍن سيڙپڪارن کي تحفظ ملي رهيو آهي، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌڻ سان روزگار جان نوان موقعا به پيدا ٿيندا ۽ اسان جي برآمد به وڌندي.