اين ايس سي جو اجلاس، ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي غور

اسلام آباد: (بيورو)  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ هٿياربند فوج جا سربراهه، انٽيليجنس اختياريون ۽ وفاقي وزير شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويو. نيشنل سيڪيورٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي پيشرفت جو جائزو به ورتو ويو.نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس کان پهرين وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه الڳ ملاقات به ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *