اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، آصف علي زرداري ۽ ملڪ قيوم جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا آهن، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد ٿي چڪي آهي، سندس ذات کي ڪنهن تڪرار ۾ نه ٿا آڻڻ چاهيون. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ اين آر او بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پاناما ڪيس ۾ بينظير ڀٽو جو نالو به شامل هو، بينظير ڀٽو جي ملڪيت آصف زرداري يا بلاول کي منتقل ٿي. هن چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته ان جا به تفصيل طلب ڪيا وڃن، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مان بينظير ڀٽو جي بي حرمتي نه ٿو ڪري سگهان. فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ترڪي ۾ مليل ملڪيت کي ظاهر ڪيو. چيف جسٽس چيو ته ڌرين جواب جمع ڪرايا آهن، ملڪيت جا تفصيل نه ڏنا آهن، ملڪيت جا تفصيل به عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن، اسان چاهيون ٿا ته توهان سرخرو ٿيو. عدالت اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.