اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف زرداري جي 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل ۽ ملڪي توڙي پرڏيهي ملڪن ۾ اڪائونٽن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت پرويز مشرف جي پاڪستان ۾ موجود اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا، ان تي پرويز مشرف جي وڪيل موقف اختيار ڪندي ڪيو ته عدالت کان ڪجهه نه لڪائينداسين. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته توهان کي ڪجهه لڪائڻ به نه ڏينداسين، پرويز مشرف پنهنجي گهرواري جي اثاثن جا تفصيل پڻ ڏهن ڏينهن ۾ ڏئي، ٻڌو آهي ته پرويز مشرف کي سعودي عرب ۾ تحفا مليا آهن. اڳوڻي صدر جي وڪيل ٻڌايو ته مشرف جي هڪ اڪائونٽ ۾ 92 هزار درهم آهن، هن وٽ جيپ ۽ مرسڊيز سميت ٽه گاڏيون آهن. چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته پرويز مشرف سڄي زندگي جي ڪمائي مان به گهر وٺي پيو سگهي کيس چئو ته عدالت اچي پاڻ وضاحت ڏئي. پرويز مشرف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل جا غيرملڪي اثاثا صدارت ڇڏڻ کانپوءِ جا آهن، ان تي جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته ڇا ليڪچر ڏيڻ جا ايترا پيسا ملندا آهن؟ ڇو نه مان به ريٽائرمنٽ بعد ليڪچر ڏيان. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان اثاثن بابت جمع ڪرايل حلفي بيان تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آصف زرادري جي 2007 کانپوءِ جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. ان موقعي تي آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجن دليلن ۾ چيو ته آصف زرداري 9 ورهيه جيل ۾ رهيو ڪجهه ثابت نه ٿيو. چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته آصف علي زرداري جو سوئٽزرلينڊ ۾ اڪائونٽ هيو؟ ڇا شهيد بينظير جي ٻارن جي نالن تي اڪائونٽ هيو؟ ثاقب نثار چيو ته آصف زرداري حلفي بيان ۾ ٻڌائي ته هن ڪو ٽرسٽ قائم ڪيو آهي يا نه، هو ٻاهر ويندو آهي انهن جي سارسنڀال سندس دوست ڪندا هوندا. عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف زرداري جي 10 سالن جي اثاثن ۽ 10 سالن جي ملڪي ۽ پرڏيهي اڪائونٽن جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا .عدالت حڪم ڏنو ته تفصيلي بيان 15 ڏينهن ۾ داخل ڪرايو وڃي. واضح رهي ته ان کان اڳ پڻ سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ پرويز مشرف ۽ آصف علي زردري جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري چڪي آهي.