اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي اثاثن جي تفصيل ۽ حلف نامو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. چيف جسٽس وڪيل سان مڪالمي ۾ چيو ته فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي پارٽي کي ٻڌائي ته منصب ڪڏهن به ڪنهن جي پارٽي ناهي هوندو، فاروق ايڇ نائيڪ جواب ڏنو ته ڇا ڪيون، ايترو سمجهايون ٿا زرداري، بلاول ۽ آئون پاڻ به. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي ۾ آصف زرداري جي اثاثن جي تفصيل ۽ حلف نامو جمع ڪرايو ويو. چيف جسٽس وڪيل صفائي فاروق ايڇ نائيڪ سان مڪالمي ۾ چيو ته وڪيل صاحب هاڻ ته آصف زرداري جو حلف نامو جمع ٿي چڪو آهي، ملڪ قوم جو حلف نامو ڇو جمع ناهي ٿي رهيو. جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي پارٽي کي ٻڌائي ته منصف ڪڏهن به ڪنهن جي پارٽي ناهي هوندو، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ جواب ڏنو ته ڇا ڪيون، ايترو سمجهايون ٿا زرداري، بلاول ۽ آئون پاڻ به. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٿي سگهي ٿو ته اين آر او بابت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور نه ڪيان، ٿي سگهي ٿو ته عدالت ان معاملي کي شايد اڳتي نه وڌائي، ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست قبول ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو ڪنداسين. جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته آئون پاڻ به آئين جي آرٽيڪل چار جو پابند آهيان، جيڪو عبوري حڪم نامو اسان ڏئي چڪا آهيون ان تي عمل ڪرائينداسين، عبوري حڪم نامن کي ڪنهن به چيلينج ناهي ڪيو. بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.