اينٽي ڪرپشن تي بي اعتمادي ظاهر، اينٽي ڪرپشن کاتو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي: چيف جسٽس

ڪراچي(م ڊ) اينٽي ڪرپشن تي بي اعتمادي ظاهر، اينٽي ڪرپشن کاتو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي: چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، صوبائي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيئرمين مختيار سومري کي هلندڙ انڪوائرين جي تفصيلن سميت 20 نومبر تي ذاتي طور طلب ڪري ورتو.عدالت اهڙو حڪم  ٺٽي جي رهواسي  خير بخش جوکيو پاران روينيو ۽ اينٽي  ڪرپشن ٺٽو خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي ڪرپشن بابت هلندڙ انڪوائرين بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ صوبائي اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کان پڇيو آهي ته هن وقت تائين ڪيتريون انڪوائريون هلندڙ آهن ۽ جن ۾ ڪيترا سرڪاري عملدار ملوث آهن.درخواستگذار چيو ته روينيو خلاف اينٽي ڪرپشن ٺٽي جي لکت ۾ درخواست ڏني جنهن پڻ ڪا هاڪاري ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنهن تي اينٽي ڪرپشن ٺٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڄاڻايل درخواست گذار جي شڪايت بابت رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جوڙيل اينٽي ڪرپشن کاتو پاڻ ئي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي.ان موقعي تي عدالت سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين سان رابطو ڪريو ۽ سندس حاضري کي يقيني بڻايو جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر عدالت کي يقين ڏياريندي چيو ته درخواستگذار جي شڪايتن تي موثر ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *