لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته اينٽي مني لانڊرنگ قانونسازي تحريڪ انصاف لاءِ نه ملڪ جي لاءِ ڪئي ويئي. اهڙا ڪم جيڪي موجوده حڪومت ڪري رهي آهي اهي پهريان کان ٿيڻ گهرجن ها. ملڪ جي ترقي لاءِ اهو ضروري آهي ته جيڪو غلط ڪم ڪندو آهي ان جو احتساب ٿئي. عوام وٽ به اهو شعور هجڻ گهرجي ته هو ووٽ وجهڻ وقت صحيح چونڊ ڪن. وزيراعظم عمران خان 60 سيڪڙو هن وقت معيشت کي صحيح ڪرڻ ۾ لڳول آهي. هاڻوڪي حڪومت کي معيشت سٺي حالت ۾ نه ملي هئي. ان کان پوءِ ڪرونا جي صورتحال جو به معيشت تي دٻاءُ پيو هو جمعي جي ڏينهن لاهور چيمبر آف ڪامرس ۾ پاسپورٽ آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي ان موقعي تي لاهور چيمبر جي صدر عرفان اقبال شيخ سميت ٻيا عهديدار به موجود هئا وفاقي وزير چيو ته اينٽي مني لانڊرنگ قانونسازي ملڪ جي لاءِ ڪئي ويئي. اهو قانون سڀاڻي اسان تي به لاڳو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته مني لانڊرنگ اهو نه ڪندو جنهن کي ٻن وقتن جي ماني ملندي نه هجي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ احتساب ضروري آهي. پاڻ به چوان ٿو ته مون کان غلط ڪم ٿي وڃي ته منهنجي گاڏي کي ماڻهو سرون هڻن. اهڙي طرح هرهڪ سان اهو ٿيڻ گهرجي جيڪو به غلط ڪم ڪري ٿو ڇو ته احتساب کان ڪوبه نه بچندو هن چيو ته اسان جي ڪابينه ۾ اڪثر اختلاف راءِ ٿي ويندو آهي جيڪو جمهوريت ۾ ٿيندو آهي. ميڊيا جي هڪ سوال تي هن چيو ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.