ايندڙ چونڊن بعد اسان کانسواءِ ڪابه حڪومت ٺهي نه سگهندي: آصف زرداري

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ايندڙ چونڊن بعد اسان کانسواءِ ڪابه حڪومت نه ٺهي سگهندي، جيڪڏهن حڪومت ٺهي به ته هلي نه سگهندي.پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان پ پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ عثمان ملڪ، عاصم ڀٽي ۽ رانا عرفان احمد خان شامل هئا.آصف زرداري جو ان موقعي تي چوڻ هو ته 2018ع جي چونڊن کانپوءِ اسان کانسواءِ ڪابه حڪومت نه ٺهندي، جيڪڏهن ٺهي به وئي ته اها هلي نه سگهندي، جهڙي ريت ن ليگ کي سينيٽ وٺڻ نه ڏنو، ان ريت ن ليگ کي حڪومت ٺاهڻ نه ڏيندس.سندس چوڻ هو ته 2013ع ۾ اسان جا هٿ ٻڌي اليڪشن ۾ لاٿو ويو، 2013ع ۾ ن ليگ کي ڌانڌلي جي کليل ڇوٽ مليل هئي، پر هاڻي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، هاڻي ن ليگ کي پنهنجي حيثيت جي به خبر پئجي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *