ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان اندر ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي: عمران خان

بيجنگ: (م ڊ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ خطي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي. سيڙپڪاري جي لاءِ رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته منهنجو چين جو پهريون دورو بهتر هو جڏهن ته ٻيو دورو بهترين آهي. چين پاڪستان راهداري ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، پاڪستان هاڻ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ بهترين ملڪ آهي. چيني سيڙپڪار سمجهن ٿا ته ڪهڙو ملڪ انهن جي لاءِ بهترين آهي. چين ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ به اسان سان سهڪار ڪري رهيو آهي.پاڪ چين سيڙپڪاري فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين ۾ بي آر آءِ لاءِ ٻن ڏينهن جو تجربو تمام گهڻو سٺو رهيو، ان دوران گهڻن پرڏيهي سربراهن سان ملاقات ٿي، چين ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان چين جي مدد سان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شاندار يونيورسٽي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان جي ترقي جا هدف حاصل ڪري وٺندو ۽ زراعت جي شعبي ۾ چين سان گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته زراعت ۾ ترقي پاڪستان جي معاشي ترقي جي ضمانت هوندي، ماحولياتي تبديلي سان سموري دنيا متاثر ٿيندي. هن چيو ته  موزمبيڪ ۽ فلپائن ۾ ماحولياتي تبديلي سان وڏي تباهي آئي آهي،  سمورن ملڪن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت ڳڻتي ڏٺي وئي تنهن ڪري پاڪستان ماحولياتي تبديلين سان مقابلي لاءِ وڏو قدم کنيو آهي، ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳايا ويندا.سندس چوڻ هو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ملڪ آهي، پاڪستان چين جي سيڙپڪارن کي پيش رنڊڪون ختم ڪندو ۽ چاهيون ٿا ته چيني پنهنجون صنعتون پاڪستان ۾ لڳائين، جيترو واپار ۽ رابطا هوندا پاڪستان ۽ چين ۾ لاڳاپا وڌندا.  جڏهن ته چار ڏهاڪن جي جنگ کانپوءِ افغانستان کي امن جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن ۾ اضافو ٿيندو، ڪجهه ملڪ پناهگيرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڇوٽيون قائم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ جلد اليڪشن ٿي ويندي، نئين ڀارتي حڪومت پاڪستان سان سٺا لاڳاپا قائم ڪندي.  هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو ڳالهين ذريعي ئي حل ڪڍي سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *