لاهور(م ڊ) تعليم واري صوبائي وزير عليم خان چيو آهي ته ڦورن سڄو مال هضم ڪري ڇڏيو آهي، ناڻو خالي آهي. منصوبا مڪلم نه ٿيا انهن جي مشينري ٻاهر پيل آهي. ايندڙ هفتي کان هر کاتو ٻڌائيندو ته ڪيئن مال لٽيو ويو. تفصيل موجب پنجاب جي ترقياتي معاملن بابت وزير عليم خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قبضي جو الزام لڳايو ويندو آهي، هڪ به ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي؟ ڪنهن هڪ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن تي قبضي جو الزام هجي. هن چيو ته 10 سالن دوران ڪيترين ئي زمينن تي قبضي جي نشاندهي ڪئي وئي، 10 سالن جي حڪومت بعد الزام لڳايو پيو وڃي، شرم اچڻ گهرجي. ڪا به ايف آءِ آر منهنجي خلاف هجي ته سامهون آندي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته شهزاد وسيم جون پارٽي لاءِ گهڻيون خدمتون آهن. مون وٽ جيڪي به اختيار اُهي مون کي پنجاب جي وڏي وزير ڏنا آهن. راڻا مشهود کي هاڻ ڏينهن ۾ به تارا نظر ايندا.