اسلام آباد: (بيورو) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مسالي سال جي لاءِ جي ڊي پي گروٿ ريٽ 4 سيڪڙو ۽ وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1837 ارب روپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻارهين پنج سالا منصوبي جي به منظوري ڏني وئي.ڪائونسل زراعت جي شعبي ۾ ترقي جي شرح ساڍا 3 سيڪڙو ،صنعت ۾ 2.2 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي ۾ 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.اجلاس جي پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان جو ان موقعي تي چوڻ هو ته جڏهن حڪومت ملي ته پاڪستاني ملڪي تاريخ جي سخت بحران جو شڪار هو ۽ اسان جي سموري ڪوشش ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچڻ هو.هن چيو ته اسان اهي سمورا ڪم ڪريا آهيون جيڪي پهريان ڪيا ويا هجن ها. وزيراعظم چيو ته معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ مان فاٽا لاءِ حصو ڏيڻ تي به زور ڏنو.