ڪراچي(م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذير چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن پر ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ مشين استعمال نه ڪنداسين. ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن تحت رٿيل ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذير چيو ته 2018ع جي چونڊن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ميشن استعمال نه ڪئي ويندي جڏهن ته ووٽرن لاءِ 20 ڪروڙ بيلٽ پيپرن جي ضرورت هوندي جنهن لاءِ ورڪ آرڊر تيار ڪيو ويو آهي، بيلٽ پيپرن جي تياري سخت سيڪيورٽي ۾ ٿيندي. ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته عام چونڊن لاءِ 58 هزار 744 پولنگ اسٽيشنون ۽ 2 لک 68 هزار 286 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا. ريٽرننگ آفيسر کي اليڪشن جي رات 2 وڳي تائين نتيجا لازمي ڏيڻا پوندا، جيڪڏهن ڪنهن تڪ ۾ عورتن جي ووٽ جو تناسب 10 سيڪڙو کان گهٽ ٿيو ته نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو ۽ لاڳاپيل پولنگ اسٽيشن يا تڪ ۾ ٻيهر پولنگ ڪرائي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن عورتن کي حق ادا ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي 3 سال قيد سان گڏ هڪ لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو. نئين قانون جي تحت اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ اهو قانون شامل آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان ايڪٽ کي منظور ڪيو آهي.