ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي ئي هوندي، ڪنهن سان اتحاد جو فيصلو ناهي ڪيو: خورشيد شاهه

ڪوهاٽ (م ڊ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت کي چار سال ڏنا، هاڻي مهم شروع ڪئي ته حڪومت گهٻرائجي وئي، ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي ئي هوندي، ڪنهن سان اتحاد جو فيصلو ناهي ڪيو، هن چيو ته سياست ۾ ڪو دوست يا دشمن حتمي ناهي هوندو، خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهيون سڀني سان ٿي سگهن ٿيون، پاناما اسڪينڊل تي فيصلو جيڪو به هجي، عوام جي حق ۾ هجڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *