ملير: (ڊ.ر) سياست ڪرڪيٽ راند نه آهي، سياست قربانين جو نالو آهي، پيپلزپارٽي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ مخالفن جو ضمانتون ضبط ڪري ڇڏينداسين، جان عالم ڄاموٽ، تفصيل موجب: پاڪستان پيپلزپارٽي ڊسٽرڪٽ ملير پي ايس 129 جي صدر جان عالم ڄاموٽ چيو آهي ته سياست ڪرڪيٽ جي راند نه آهي جيڪا صرف گرائونڊ اندر کيڏي ويندي آهي، سياست ۾ جانين جون قربانيون ڏيڻون پونديون آهن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ليڊر ۽ ڪارڪنن پنهنجي جان جون قربانيون ڏنيون آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي راهه تي هلندي پيپلزپارٽي جا جيالا ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هرقرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهيون، ڄام عالم ڄاموٽ چيو ته ضيا ءُ الحق جي دور ۾ ڳاڙها، نيرا ۽ ڦيڪا الائنس ٺاهيا ويا پر عوام هميشه دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، انشاءَ الله ايندڙ اليڪشن ۾ ضلعي ملير جي 3 اين اي ۽ 5 پي ايس جي سيٽن تان ڪاميابي ماڻي سياسي مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏينداسين.