ملتان(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته 2018 جي اليڪشن پي ٽي آءِ جي هوندي جنهن جا نتيجا پهرين کان ئي ڏئي رهيا آهيون. ملتان ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان 21هين صدي واري سياست ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، پوري محنت ڪنداسين ۽ قوم تيار آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين دعويٰ ڪئي ته 2018ع جي اليڪشن تحريڪ انصاف جي هوندي ان جا نتيجا پهرين ئي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته عوام کي اسپتالن، صاف پاڻي ۽ سٺي يونيورسٽي جي ضرورت آهي پر شهباز شريف پيسا بڻائڻ لاءِ ميٽرو بس بڻائي آهي، اهو عمل بلڪل ائين آهي جيئن ڪنهن مريض کي دوا جي ضرورت هجي ۽ توهان ان کي موٽر سائيڪل ڏئي ٽرڪائي ڇڏيو. هن چيو ته شهباز شريف وڏو ڊرامي باز آهي، سندس ڀاءُ کي ته ڇو ڪڍيو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ هن جو وارو آهي، اها ڊگهي اونداهي رات 2018ع جي اليڪشن ۾ ختم ٿيندي، 2018ع کان پوءِ تحريڪ انصاف عوام جي تعليم، صحت ۽ پاڻي تي پيسو خرچ ڪندي.