اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن خالد مقبول صديقي جي درخواست تي پارٽي جي ڪنوينر شپ جي معاملي تي فاروق ستار کان جواب طلب ڪري ورتو اڱاري تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ ڪنوينر شپ جي جهيڙي تي رابطا ڪميٽي گروپ جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ان موقعي تي خالد مقبول صديقي رئوف صديقي عامر خان ۽ بئريسٽر فروغ نسيم پيش ٿيا جڏهن ته پي آءِ بي گروپ پاران ڪامران تيسوري شيخ صلاح الدين ۽ ايس اقبال قادري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا رابطا ڪميٽي گروپ جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته فاروق ستار نام نهاد انٽراپارٽي چونڊون ڪرايون اسان جي درخواست آهي ته هو پنهنجي جواب جي ڪاپي اسان کي اڄ ئي مهيا ڪري پي آءِ بي گروپ جي وڪيل بابر ستار چيو ته فروغ نسيم اڄ ئي دليل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن اسان کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڇي جنهن تي وڪيل فروغ نسيم اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي ته 3 مارچ تي سينيٽ چونڊون آهن ان لاءِ ڪيس جلد اڪلايو وڃي اليڪشن ڪميشن فاروق ستار کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي پهرينمارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.