ڪراچي(م ڊ) متحده قومي موومنٽ جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي 12 ربيع الاول تي هڪ ٿي وينديون. تفصيل موجب سٽي ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي سليم شهزاد چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر متحده قومي موومنٽ پاڪستان ۽ پاڪ سر زمين جي اتحاد جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سياسي اتحاد بڻجندي ڏسي رهيو آهيان ۽ ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته ٻئي پارٽيون 12 ربيع الاول تي گڏ ٿينديون. سليم شهزاد ٻڌايو ته پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي ۽ هنن هڪ پليٽ فارم تي اچڻ جي صلاح ڏني آهي. ڪراچي ۽ سنڌ جي مهاجر ووٽ بينڪ کي ورهائڻ نه گهرجي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر جا روڊ ٽٽل آهن ۽ گند جا ڍير لڳل آهن ان حوالي سان ڪراچي ميئر ۽ ڪماني نمائندن کي فنڊ ۽ اختيار ڏنا وڃن.