خيرپور (ڊ ر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ تحريڪ انصاف تڪڙ ۾ نڪاح ڪيو آهي، جيڪو گهڻي دير نه هلندو ۽ جلد طلاق ٿي ويندي. خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ته پي ٽي آءِ تي ڌانڌلي جا الزام هڻي رهي هئي، هاڻ هن نڪاح به ان سان ئي ڪيو آهي، ان تي اسان کي گهڻو تعجب آهي. هن چيو ته جهانگير ترين جن آزاد ميمبرن کي جهاز ۾ وٺي وڃي رهيو آهي، اهي بس يا ريل ذريعي واپسي ڪندا ۽ جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت ٺهي به وڃي ته اها ٻن سالن کان وڌيڪ نه هلندي. منظور وساڻ موجب عمران خان پنهنجي دعويٰ سبب مدو پورو نه ڪري سگهندو، هو هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ هڪ ڪروڙ گهر ڪيئن ٺهرائيندو. پ پ اڳواڻ اڳڪٿي ڪئي ته سنڌ ۾ سخت احتساب شروع ٿيندو، جيڪو 5 سالن تائين هلندو، جي ڊي اي طرفان ڌانڌلي جون دانهون قيامت جي نشاني آهي.