ايم ڪيو ايم کي ڪنهن ٻي وزارت لاءِ سوديبازي نه ڪرڻ گھرجي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي پنهنجي فيصلي تي اصولي اعتبار سان بيهڻ گھرجي ۽ ڪنهن ٻي وزارت لاءِ سوديبازي نه ڪرڻ گھرجي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي طرفان ايم ڪيو ايم کي ڏنل آڇ اڄ به موجود آهي.هن چيو ته اسان جي آڇ سنڌ حڪومت لاءِ نه هئي پر سنڌ جي عوام جي مسئلن بابت اثرائتي طريقي سان وفاق سان  وڙهڻ لاءِ هئي.سندس چوڻ هو ته اسان جي آڇ هڪ ناڪام حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ ۽ جعلي مينڊيٽ سان قائم ٿيل حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ هئي.مرتضيٰ وهاب چيو ته اهو بلاول ڀٽي جو ويزن آهي ته جيڪا ڳالهه هن ڪجهه هفتا اڳ ڪئي اهو ان جو نتيجو آهي ته متحدو قوم موومينٽ اهو فيصلو ڪيو.هن چيو ته آئون گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ان فيصلي تي اصولي اعتبار سان بيهي رهڻ گھرجي ۽ ڪراچي جي عوام سان گڏ بيهي رهڻ گھرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *