ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس: فاروق ستار

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته تنظيمي بحران بعد گهڻن ماڻهن آڇ ڪئي پر مان ڪنهن ٻي پارٽي ۾ نه ويندس ڇو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ئي منهنجي پارٽي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار  چيو ته  ايم ڪيو ايم سان مان 35 هزار سال گذاريا آهن، لغڙ سان عشق ۽ ان سان ئي منهنجو جيئڻ مرڻ آهي، ڪنهن ٻي پارٽي ۾ وڃڻ جو سوچي نه ٿو سگهان، ايم ڪيو ايم ئي منهنجي پارٽي آهي ۽ مستقبل ۾ به پارٽي جو ساٿ ڏيندس. هن چيو ته تنظيمي بحران ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد ڪيترن ئي سياسي پارٽين آڇ ڪئي پر مان سموري صورتحال مان مايوس ٿي پارٽي نه ڇڏيندس ۽ نه ڪنهن ٻي جو هٿ پڪڙيندس. هن چيو ته آڇ ڪندڙ پنهنجي آفر پاڻ وٺ رکن هنن لاءِ رڳو شڪريو ئي آهي، تنظيمي بحران کي منهن ڏيڻ جو ڪو نه ڪو حل ڳولي وٺندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *