ايم ڪيو ايم کي حڪومتي سهاري جي گهڻي ضرورت آهي: سعيد غني

ڪراچي(م ڊ) متحده قومي موومينٽ جي پاڪستان تحريڪ انصاف سان اتحاد بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني ايم ڪيو ايم  کي معذور پارٽي قرار ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي به حڪومتي سهاري جي گهڻي ضرورت آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ايف آءِ اي پهرين آصف زرداري کي شاهد جي طور تي گهرايو، بعد ۾ جوابدار بڻايو، زرداري گروپ آف ڪمپني رجسٽرڊ فرم آهي، فريال ٽالپر ڪمپني جي ڊائريڪٽر اهي، زرداري گروپ جي رڳو ڏيڍ ڪروڙ رپين جي هڪڙي ٽرانزيڪشن آهي، اها انتقامي ڪارروائي ۽ اسان جي قيدات کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش آهي، بشير ميمڻ ۽ نجف مرزا جي هوندي شفاف جاچ نٿي ٿي سگهي، اعليٰ عدليه بشير ميمڻ ۽ نجف مرزا کي ايف آءِ اي تان هٽائي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هاڻ ختم ٿيڻ واري آهي ان ڪري هن مرڪز ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هن کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جوي خاتمو ٿي چڪو آهي ڪٿي سنڌ ۾ به نه ختم ٿي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *