ايم ڪيو ايم پاڪستان به وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
May 3, 2017 at 6:53 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور:(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته آزاد جاچ جي لاءِ وزير اعظم کي پنهنجي ڪرسي ڇڏڻي پوندي، ڊاڪٽر فاروق ستار لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مشڪل حالاتن جي باوجود به ايم ڪيو ايم پاڪستان لاهور ۾ قائم آهي، هاڻي پاڪستان ۾ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته ۲۲ آگسٽ تي لنڊن کان جاري ڪيل تقرير کان پوءِ اسان لاءِ فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويو هو ۽ ان وقت فيصلو ڪيو ۽ اڄ تائين پٺتي ناهي ڏٺو، اڄ پاڪستان جي لاءِ فيصلي جو وقت آهي، مان نواز شريف کي صلاح ڏيان ٿو ته ڪرسي ڇڏي ڏئي، هن چيو ته اسان لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي موقف جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، جاچ شفاف ڪرائڻ لاءِ وزير اعظم کي عهدو ڇڏڻو پوندو، مون کي اميد آهي ته وزير اعظم منهنجي ڏنل صلاح تي ضرور غور ڪندو، فاروق ستار چيو ته سياست ۾ هڪ عرصي کان بادشاهت قائم آهي، حڪومتن کي آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، آدمشماريءَ ڪرائڻ جو به فيصلو سپريم ڪورٽ ڪيو، حڪومت جا سڀ ڪم عدالتون ڪري رهيون آهن، هن چيو ته صوبائي حڪومت مڪاني چونڊ ڪرائڻ لاءِ ٽالمٽول ڪري رهي آهي، مڪاني چونڊ لاءِ به سپريم ڪورٽ کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻو پوندو.