سکر:(ڊ ر) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا هڪ سٺو آفيسر آهي، پر ان کي هٽائڻ ۽ مقرر ڪرڻ جو حق سنڌ حڪومت وٽ آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا وائيٽ پيپر جاري ڪري اسان جو منهن نه کولرائن، خورشيد شاهه چيو ته صوبي جا سمورا فيصلا صوبي جو وڏو وزير ڪندو آهي، آءِ جي کي هٽائڻ جا اختيار وڏي وزير وٽ آهن، ايم ڪيو ايم جو وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ ائين آهي، جيئن سج کي ڏيئو ٻاري ڏيکارجي هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا اهي آهن جيڪي ڀتي جي لاءِ فيڪٽرين کي باهيون ڏئي ڇڏيندا هئا، مني لانڊرن به انهن ئي ڪئي انهن جا ڪجهه ماڻهو ڀڄي ويا ته ڪجهه ارب پتي ٿي ويا آهن. اسان پنهنجي زبان کولي ته گهڻن ماڻهن جا وات بند ٿي ويندا ۽ اهي روئڻ شروع ڪندا