ايم ڪيو ايم مزدرون جي عالمي ڏينهن تي سياسي بيان ڏيڻ بدران بلديا ٽائون فيڪٽري جو جواب ڏئي:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورتر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم مزدرون جي عالمي ڏينهن تي سياسي بيان ڏيڻ بدران بلديا ٽائون فيڪٽري جو جواب ڏئي ۽ آئون ڪراچي جي هر ضلعي جلسو ڪندس ايم ڪيو ايم کي ايتري فڪر نه هئڻ گهرجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وفاقي بجيٽ تي تنقيد ڪئي. هن چيو ته بجيٽ ۾ مزدورن جي لاءِ ڪجهه ناهي ان ڪري تنقيد ٿا ڪيون، اسان پنهنجي دور ۾ پنشن ۽ پگهارون وڌايون، مزدورن ۽ صنعتن جي لاءِ 14 قانون سازيون ڪيون ويون. پ پ پ جي چيئرمين چيو ته چاهيون ٿا ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ مزدور جي نمائندگي ٿئي جنهن جي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسٽيل مل کي گيس ۽ ملازمن کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن، ن ليگ پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل کي خانگائڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي خانگائي لوڊشيڊنگ بدراشت ڪري رهيا آهيون، اسان وڌيڪ ادارن کي خانگائڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف ۽ خواجا آصف طرفان جيڪو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، سڀني کي خبر آهي ميان صاحب ڪهڙي راند پيو کيڏي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي جي پريس ڪانفرنس تي بلاول چيو ته ايم ڪيو ايم مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سياسي بيان ڏيڻ بدران بلديا ٽائون فيڪٽري سانحي جو جواب ڏئي، لياري منهنجي دل جي ويجهو آهي، ڪراچي ۽ لياري جي عوام سان پيار ڪندو آهيان، هر جاءِ هر ضلعي ۾ وڃي جلسو ڪندس، ايم ڪيو ايم کي ايتري فڪر نه هئڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *