ايم ڪيو ايم سينيٽ چونڊن ۾ هارائڻ سبب بوکلاهٽ جو شڪار آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ): پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ سينيٽ چونڊن ۾ ناڪاميءَ سبب بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ سندن گهر جي رڌڻي ۾ رولو آهي، سينيٽ جي چونـڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ تي هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد فروخت جا الزام بي بنياد آهن، ميمبرن سيڪريٽ ووٽنگ ذريعي پنهنجي ضمير مطابق ووٽ ڪيا آهن هاڻي سڀني جي لاءِ پيپلز پارٽي ئي بهترين آپشن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن کهڙو هائوس لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته جيڪي چوندا هيا ته پيپلز پارٽي صرف هڪ صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ کان پوءِ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه سيٽن تي ڪاميابي انهن واويلا ڪندڙ مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي ۽ هاڻي پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ پنهنجو چيئرمين به چونڊرائيندي ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ سنڌ سميت وفاق ۾ به حڪومت ٺاهيندي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جو پنڊورا باڪس عوام ۾ کلي چڪو آهي ۽ هاڻي سندن تماشو نه هلندو ۽ ملڪ ۾ بهترين آپشن پيپلز پارٽي ئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *