ايم ڪيو ايم سان جيڪو ٿي رهيو آهي، ان تي ڳڻتي آهي: پرويز مشرف

اسلام آباد (بيورو): آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان جيڪو ٿي رهيو آهي، ان تي ڳڻتي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم وارا مهاجر ۽ پنهنجو نالو ڇڏي نئون نالو رکن، اسلام آباد ۾ پنهنجي پارٽي جي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ۾ پرويز مشرف چيو ته پيپلز پارٽي پنجاب مان ختم آهي، ڪٿي آهن اهي ماڻهو، پاڪستان ۾ نئين سياسي قوت بڻجڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي ملڪ ۾ تباهي مچائي رهيا آهن، انهن مان نجات ملڻ گهرجي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان جيڪو ٿي رهيو آهي، ان تي ڳڻتي آهي، هڪ صورت آهي فاروق ستار جي جڳهه مان سربراهه بڻجي وڃا پر مان پاڳل هوندس جو پنهنجي حيثيت هيٺ ڪري اڌ ايم ڪيو ايم جو سربراهه بڻجي وڃان، اي پي ايم ايل جي سربراهه جو چوڻ هيو ته انهن جو اتحاد غير فطري آهي، ان لاءِ الڳ ٿي ويا، منهنجو ويزن آهي ته مهاجر قوميت گڏجي وڃي ۽ هڪ نالي هيٺ اچي وڃي، ايم ڪيو ايم ۽ مهاجر بدنام ترين نالا بڻجي ويا آهن، ايم ڪيو ايم وارا مهاجر ۽ پنهنجو نالو ڇڏينئون نالو رکن، مهاجر نالو ڇڏي پنهنجو پاڻ کي پاڪستاني چون، ان موقعي تي پرويز مشرف جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان عوامي اتحاد جي نالي سان نئون سياسي اتحاد قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو، پرويز مشرف چيو ته ڪراچي ۾ ايتريون قومون رهن ٿيون جو پوري پاڪستان ۾ ناهن، ماڻهو پاڪستان عوامي اتحاد ۾ اچي وڃن، سڀ قومون گڏ ٿي وڃن، هڪ نالو ٿي وڃي ۽ اسان سان گڏ اتحاد ۾ ٿي وڃن، اڳوڻي صدر چيو ته مسلم ليگ کانسواءِ ڌڙا گڏ ٿي وڃن ته پاڪستان جي فورس بڻجي ويندي، ٻهراڙي علائقن ۾ فورس گڏ ڪريو ته جيئن سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي هارائي سگهون، پرويز مشرف جو چوڻ هيو ته عدالت ۾ ڪيسز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، خبر هئي ته گهرو وزارت مان مون کي سڪيورٽي جو جواب نه ملندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *