حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي. را، موساد ۽ ٻي عالمي اسٽيبلشمينٽ هن ريجن کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ دهشتگردن جي سرپرستي ڪئي، لنڊن مان ويهي پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ ڌار صوبي جي سازش ڪئي وئي. آمريڪا ۾ ٽيڪسن تي فري ڪراچي لکي سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ناپاڪ مهم هلائي وئي. هندستان ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ پهرين صوبو ۽ پوءِ نئون اسرائيل بنائڻ چاهين ٿا، ايم ڪيو ايم انهيءَ عالمي سازش تي عمل ڪندي رهي آهي. معصوم ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي قتل ۽ غارت ڪئي وئي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي سنڌ کي تباهه ڪيو آهي، سنڌ جي عوام جا اربين رپيا لنڊن، دبئي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪليا ويا. نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻيا ادارا ڪرپشن ۾ ملوث اڳوڻن وزيرن، سينيٽرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي گرفتار ڪري انهن کان لٽيل دولت واپس وٺن. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي، ايم ڪيو ايم هر دور ۾ حڪومت ۾ رهي آهي، هر حڪومت کي بليڪ ميل ڪري اربين رپين جا پيڪيج وٺي عوام جا پئسا لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪلي هڙپ ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي عوام کي لٽيل دولت جو حساب ڏين. اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جو حصو آهن، خالد مقبول ٻيو الطاف حسين ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري، اردو، سنڌي، پنجابي، پشتون ۽ بلوچ ڀائر آهن.