اسلام آباد (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي ميمبرن قومي اسيمبلي جي اجلاس مان علامتي واڪ آئوٽ ڪندي چيو آهي ته اسان جا ڏيڍ سئو ڪارڪن گم آهن انهن کي بازياب ڪرايو وڃي، اربع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نقطن جي اعتراض تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ صلاح الدين چيو ته اسان جا ڏيڍ سئو ڪارڪن گم آهن کين بازياب ڪرايو وڃي، بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ جو معاملو قانون موجب حل ڪيو وڃي، ان معاملي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر وفاقي وزير سردار محمد يوسف کي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ موڪليو.