ايم ڪيو ايم جي غائب ڪارڪن جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اين اين آءِ( سنڌ هاءِڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي يونٽ انچارج جاويد مهاجر جي گمشدگي بابت بچاءُ واري وزارت جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته عدالت معاملي تي نئين جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي خميس تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي يونٽ انچارج جاويد مهاجر جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت آڏو ايم ڪيو ايم جي يونٽ انچارج جاويد مهاجر جي گمشدگي جي حوالي سان بچاءُ واري وزارت جواب داخل ڪرايو جواب ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته غائب جاويد مهاجر ڪنهن حساس اداري جي تحويل ۾ نه آهي جنهن تي عدالت غائب جاويد مهاجر جي گمشدگي تي عملدارن کي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي ٻئي پاسي عدالت ۾ بهاولپور جي شهري جي گمشدگي جي حوالي سان داخل درخواست به ٻڌڻي هيٺ آئي عدالت معاملي تي گهرو وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين تي غائب ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻن جي هدايت ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *