ايم ڪيو ايم جو بنياد رکندڙ ۽ مرڪزي اڳواڻ سليم شهزاد ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم جو بنياد رکندڙ ۽ مرڪزي اڳواڻ سليم شهزاد پاڻمرادو ڪيل جلاوطني ختم ڪري جيئن ئي دبئي کان ڪراچي پهتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪراچي پوليس چيف مشتاق مهر سليم شهزاد جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي، ان کان اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر اميگريشن عاصم قائمخاني ٻڌايو ته سليم شهزاد کي اميگريشن عملدارن روڪيو ۽ سندس ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي، سليم شهزاد جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ کيس اميگريشن آفيس نيو ويو، سليم شهزاد برطانوي شهري جي حيثيت سان سفر ڪري رهيو هو. ڊپٽي ڊائريڪٽر اميگريشن عاصم قائمخاني جو چوڻ هو ته ڪراچي پوليس کان سليم شهزاد جي ڪليئرنس گهري ته پوليس پاران اسان کي ڪليئرنس نه ڏني وئي ۽ پوليس پاڻ پهچي کيس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو، سليم شهزاد تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ هو پوليس کي گهربل هو. سليم شهزاد جو چوڻ آهي ته هو رضاڪاراڻي طور پاڪستان آيو آهي، عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندس، مون کي پراڻي ساٿين سان لاتعلق ٿيڻ تي ڪو پڇتاءُ ناهي. ايس ايس پي رائو انور مطابق سليم شهزاد کي ڊاڪٽر عاصم حسين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، مٿس ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *