ايم ڪيو ايم جو باني رڪن ۽ اڳوڻو وائيس چيئرمين سيد سليم الحق عرف سليم شهزاد لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن / ڪراچي (اين اين آءِ)  ايم ڪيو ايم جو باني ميمبر ۽ اڳوڻو وائيس چيئرمين سيد سليم الحق عرف سليم شهزاد آچر تي لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سليم شهزاد گذريل 3 مهينن کان ايسٽ لنڊن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، کيس مادي ۽ گجر جو قينصر هو، سليم شهزاد جي گهرڀاتين موجب مرحوم جي جنازي نماز ۽ تدفين ٻن ڏينهن کانپوءِ لنڊن ۾ ڪئي ويندي، سليم شهزاد هڪ بيوه ۽ 5 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن، فاروق ستار، خالد مقبول صديقي سليم شهزاد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، سليم شهزاد 1992 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿيندڙ آپريشن کانپوءِ جلا وطن ٿيو، ڪراچي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم جي اسپتال ۾ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ جي ڪيس ۾ سليم شهزاد کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، خاص عدالت گذريل سال جنوري ۾ سليم شهزاد، وسيم اختر، انيس قائمخاني ۽ عبدالقادر پٽيل کي روپوش قرار ڏيندي انهن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا. سليم شهزاد 6 فيبروري 2017 تي پاڻمرادو ڊگهي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي پهتو ته کيس ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو، ان جي خلاف ٽوٽل 23 ڪيس داخل هئا، سليم شهزاد عدالت ۾ حاضرين دوران نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، 2 جون 2017 تي عدالت ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر سليم شهزاد کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، 21 جون 2017 تي عدالت جي اجازت سان هو لنڊن ويو هو، جتي سندس علاج ٿي رهيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *