ڪراچي(م ڊ) دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ايم ڪيو ايم اڳواڻ سليم شهزاد کي 18 فيبروري تائين جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي، سليم شهزاد جو چوڻ آهي ته گردن ۽ جگر جو ڪينسر آهي، گرفتاري جو اندازو نه هو، شرجيل ميمڻ کي ڏسو اهو حفاظتي ضمانت تي آهي. سليم شهزاد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي موڪل هئڻ سبب هن کي لنڪ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ ان جي وڪيل طرفان علاج جي درخواست ڪئي وئي. هن چيو ته منهنجي موڪل جو ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، سوچيو هئو ته ايئرپورٽ تان سڌو سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃي ضمانت ڪرائيندس. عدالت ريمارڪس ڏنا ته سليم شهزاد جي ميڊيڪل چيڪ اپ بابت سپرنٽنڊنٽ جيل کي لکنداسين. وڪيل چيو ته سليم شهزاد جا 2 موبائيل فون ۽ برٽش پاسپورٽ پوليس وٽ آهي.