ايم ڪيو ايم اليڪشن کٽي آئي آهي، اسان کي ان جي ضرورت آهي: فواد چوڌري

سلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته حڪومت سازي جو عمل ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ايم ڪيو ايم اليڪشن کٽي آئي آهي اسان کي ان جي ضرورت آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري پارليماني پارٽي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سازي ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، عمران خان جي حلف برداري سڀ کان اهم مرحلو آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عمران خان اڄ پنهنجا خيال پارليماني پارٽي جي سامهون رکندو ۽ پارليماني پارٽي اڄ عمران خان کي وزير اعظم نامزد ڪندي جڏهن ته پنجاب، ڪي پي پارليماني اڳواڻن جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ايم ڪيو ايم اليڪشن کڻي آئي آهي اسان کي ان جي ضرورت آهي، ايم ڪيو ايم سان مقامي اختلاف به مقامي سطح تي حل ٿي ويندا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي پاليسي مختلف آهي، حڪومت سازي جي لاءِ سمورين پارٽين کي گڏ کڻي هلنداسين.  پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته پارليماني پارٽي اجلاس بعد بني گالا ۾ به اجلاس ٿيندو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود چيو ته پارليماني پارٽي اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ٿينديون، عمران خان سان اڄ ايم اين ايز جي رسمي ملاقات آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *