ايم پي اي منظر امام سميت 19 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث متحده جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي(م ڊ) شهر ۾ 19 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو ويو جيڪو پنهنجي ئي پارٽي جي ايم پي اي منظر امام جي قتل ۾ به ملوث آهي. ڪراچي ۾ ايس ايس پي سينٽرل ڪراچي رضوان خان پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نيو ڪراچي ۾ اهم ڪارروائي ڪندي 19 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر زاهد اقبال کي گرفتار ڪري وٽس هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. جوابدار جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽيررسٽ ونگ سان آهي ۽ ان 1992ع کان ڪارروائيون شروع ڪيون. ڊاڪٽر رضوان خان ٻڌايو ته جوابدار زاهد اقبال حماد صديقي جي چوڻ تي به قتل ڪيا، جاچ دوران جوابدار پنهنجي 21 ساٿين سان گڏ ڪارروائين جو انڪشاف ڪيو آهي، جوابدار ڀڃ ڊاهه ۽ ڀتا خوري ۾ به ملوث آهي، جوابدارن پنهنجي ئي پارٽي جي ايم پي اي منظر امام جي قتل ۾ ملوث آهي، جوابدار آخري واردت 2013ع ۾ ڪئي جڏهن ته هو موقعي جي ڳولا ۾ هو ۽ روپوش هو. نقيب الله قتل ڪيس بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر رضوان ٻڌايو ته جي آءِ ٽي رائو انوار ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي، ڊي آءِ جي جي لکت ۾ هدايت آهي ته ميڊيا کي ڪجهه به نه ٻڌايو وڃي، جي آءِ ٽي مڪمل ٿي ته تفصيل سامهون ايندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *