لاڙڪاڻو (پ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي نائب صدر چونڊجڻ بعد ايم اين اي نفيسه شاھ جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پهچي شھيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد جمهوريت شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ٻين شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھڻ بعد فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ايم اين اي نفيسه شاھ چيو آھي ته شريف خاندان هن ملڪ کي ڪنهن به پاسي کان محفوظ نه رکيو آھي، دنيا جو هي پهريون ملڪ آھي جنهن جي خارجه پاليسيون سنڀالڻ لاءِ فارين منسٽر نه آھي. سنڌ ۾ پاڻي، بجلي ۽گئس جي شديد کوٽ آھي، هن سخت گرميءَ ۾ پ پ جا هزارين ڪارڪن روڊن تي آھن ۽ گو نواز گو جا نعره هڻي رهيا آھن. 6 اپوزيشن جماعتون آھن جڏھن ته هر جماعت جو پنهنجو طريقيڪار آھي. اسان جي قيادت ڪنهن به اپوزيشن جماعت سان رابطو ناهي ڪيو. ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيد قائدين جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسه شاھ وڌيڪ چيو ته پيپلز پاٽي قيادت فيصلو ڪندي ته هن ٽيمپو کي ڪيتري حد تائين وڌائڻو آھي. پرويز مشرف مٿان هن ملڪ ۾ غداريءَ جو ڪيس هلي رهيو آھي ۽ ھو هن ملڪ ۾ واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏئي ۽ پوءِ سياسي تجزيه ڪري. ان موقعي تي پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻو صدر عبدالفتاح ڀٽو، اڳوڻو تعلقه رتوديرو صدر اعجاز لغاري، پ پ پ اڳواڻ نورالدين ڪماريو، خالد ڀٽو، اصغر عباسي سميت پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ موجود هئا.