اسلام آباد: (بيوور) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ وڪيل جون خدمتون حاصل ڪرڻ بدران پاڻ ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب نيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئ نائب صدر شاهد خاقان عباسي کي رمانڊ جو مدو پورو ٿيڻ تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي آڏو پيش ڪيو.نيب طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته شاهد خاقان عباسي کان پڇا پڇا ڪرڻي آهي، ان لاءِ کيس وڌيڪ 14 ڏينهن جي لاءِ نيب جي تحويل ۾ ڏنو وڃي، فاضل جج شاهد خاقان عباسي سان ڳالهائڻ دوران چيو ته اوهان پنهنجو وڪيل ڪري وٺو جيڪو رمانڊ جي مخالفت ڪري سگهي، جنهن تي شاهد خاقان عباسي چيو ته مان پنهنجي وڪالت پاڻ ئي ڪندس، مان پاڻ اُن وقت وزير هوس ان لاءِ ايل اين جي ڪيس کي بهتر سمجهان ٿو ۽ نيب کي به سمجهائيندس.عدالت شاهد خاقان عباسي جي جسماني رمانڊ ۾ 15 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 15 آگسٽ تي سرڪاري موڪل آهي، جج احتساب عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪا ڳالهه ناهي موڪل واري ڏينهن به اچي وڃو، فاضل جج شاهد خاقان عباسي کان سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته 15 رکون ۽ 16 تاريخ، شاهد خاقان عباسي جواب ڏنو ته ڪابه تاريخ رکي وٺو مون کي مسئلو ناهي، جنهن تي فاضل جج چيو ته 15 آگسٽ ئي ٺيڪ آهي.