ايل او سي ويجهو ڇمب سيڪٽر ۾ ڌماڪو، پاڪ فوج جا پنج جوان شهيد

راولپنڊي: (م ڊ) آءِ ايس پي آر موجب لائن آف ڪڻٽرول کان ڪجهه ڪلوميٽر پري ڇمب سيڪٽر ۾ ڌماڪي سبب پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي ار موجب لائن آف ڪنٽرول جي ويجهو ڇمپ سيڪٽر ۾ ڌماڪي سبب 5 جوان شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿيو، ڌماڪي جي نوعيت جو اندازو لڳايو پيو وڃي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڌماڪو ڀارتي دهشتگردي جو واضح ثبوت آهي، ڀارت سيز فائر معاهدي ۽ عالمي قانونن جي لڳاتار ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ صوبيدار محمد صادق، سپاهي محمد طيب، سپاهي زوهيب، سپاهي غلام قاسم ۽ نائيڪ شير زمان شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *