ايل او سي سميت اوڀر سرحد تي هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ايل او سي سميت اوڀر سرحد تي هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪور هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي آرمي چيف کي لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي تفصيلي بريفن ڏني وئي، جڏهن ته کيس آپريشنل تيارين ۽ فارميشن بابت به آگاهه ڪيو ويو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سيز فائر جي جواب ۾ ڪارروائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *