ايل او سي تي 4 ڄڻا شهيد،ڀارت پاران روسي ٽياڪڙي رد، سعودي پرڏيهي وزير جو دورو ملتوي

اسلام آباد/لاهور ( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي پائليٽ جي آزادي بابت ڪنهن به دٻاءَ يا مجبوري جي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو.  برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان غير رياستي عنصرن کي ملڪ ۽ خطي جي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان شدت پسندن ٽولن خلاف ڪارروائي جو ارادو رکون ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪنهن هٿيربند يا ويڙهاڪ تنطيم کي هٿيارن جي استعمال ۽ ان ذريعي دهشتگردي پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيندو،  جيڪڏهن ڪو گروپ ايئن ڪري ٿو ته حڪومت ڪارروائي ڪندي.  سندس چوڻ هو ته اسان غير رياستي عنصرن کي پنهنجي ملڪ ۽ خطري کي اهڙي ڪناري تي بيهارڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان تي ڀارتي پائليٽ آزاد ڪرڻ لاءِ نه ڪو دٻاءُ هو ۽ نه وري ڪا مجبوري  هئي، اسان کين هي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان توهان جي ڏک ۾ اضافو نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اسان توهان جي شهرين سان بدسلوڪي نه ٿا چاهيون ۽ اسان ته امن چاهيون ٿا.  هن چيو ته  اسان چاهيون ٿا ته خطي جي امن کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، پاڪستان ماضي ۾ نه ٿو وڃڻ چاهي، جيڪڏهن ماضي ۾ وياسين ته اهو به ڏسڻو پوندو ته پارليامينٽ تي حملو ڪيئن ٿيو، پٺاڻ ڪوٽ ۽ اڙي ۾ ڇا ٿيو، اهو هڪ ڊگهو داستان آهي، اسان کي جيش محمد بابت شاهدي ملي ته ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن شاهه محمود قريشي چيو آهي ته انڊيا ۾ مقبوليت وڌائڻ جو آسان طريقو پاڪستان مخالف موقف آهي، انڊيا قومپرستي کي هٿي ڏئي پنهنجي ساک داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي، هن چيو ته نئين دهلي۽ واشنگٽن جا ويجها لاڳاپا رهيا آهن ان ڪري آمريڪا انڊيا تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿو، پاڪستاني ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪريانٿو جنهن امن لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو،پاڪستان غير رياستي عنصرن کي ملڪ  ۽ خطي جي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اسان شدت پسند گروپن خلاف ڪارروائي جو ارادو رکون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *