اسلام آباد(بيورو) لائن آف ڪنٽرول اين او سي تي بنا سبب فائرنگ تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي مسلسل ٻئي ڏينهن به پرڏيهي کاتي طلب ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪراوي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان جاري بيان موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي طلب ڪري ڀمڀر سيڪٽر ۾ شهري ظفر اقبال جي شهادت ۽ سندس بيواهه ۽ ٻارن جي زخمي ٿيڻ تي احتجاج ڪيو.ترجمان موجب پاڪستان طرفان تحمل جي باوجود ڀارت مسلسل گولا باري ڪري رهيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب هلندڙ سال ڀارت 415 ڀيرن کان وڌيڪ جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ڀارتي گولا باري جي نتيجي ۾ 20 شهري شهيد ۽ 71 زخمي ٿي پيا. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت گذريل سال 1970 ڀيرا جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.