ايل او سي تي ڀارتي جارحيت والاريل ڪشمير ۾ ناڪامي جو ثبوت آهي: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي: (م ڊ)  پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ناڪامي تي بوکلاهٽ جو شڪار آهي جنهن جو اظهار هو ڪنٽرول لائن تي جنگبندي جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل صف غفور ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڀارت طرفان سيز فائر جون وڌندڙ ڀڃڪڙيون والاريل ڪش۾ير ۾ ان جي ناڪامي تي بوکلاهٽ جو اظهار آهي، ڀارت عام شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي.ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي جنگبندي جي ڀڃڪڙين جو اثرائتو جواب ڏئي رهي آهي ۽ ڪنٽرول لائن سان رهندڙ شهري آبادي جي تحفظ لاءِ هر قدم کڻندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *