ايف سي آر قانون ختم نه ڪيو ويو ته اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين: سراج الحق

August 23, 2017 at 9:54 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

 پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ايف سي آر انگريز جو نظام آهي، قبائلي عوام ايف سي آر تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سڀ سياسي پارٽيون ايف سي آر جي خاتمي تي راضي آهن، عيد تائين ايف سي آر قانون جي خاتمي ۽ فاٽا ضم ڪرڻ جو وقت ڏيون ٿا. پشاور ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته گورنر قبائلي عوام جو گورنر آهي، ان کي ڌرڻي ۾ ويهڻ گهرجي ها، ايف سي آر قانون ختم نه ڪيو ويو ته 25 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين، هي خاموش سمنڊ اسلام آباد پهتو ته مقابلو نه ڪري سگهندئو. سندس چوڻ هو ته قبائلي عوام غلامي کي قبول ناهي ڪيو، قائداعظم قبائي عوام سان واعدا ڪيا هئا، حڪمرانن قبائلي علائقي ۾ هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين قائم ناهي ڪئي، لوڊشيڊنگ ته پري جي ڳالهه فاٽا ۾ بجلي تائين ناهي. سراج الحق چيو ته قبائلي علائقن جي حقيقي مردم شماري ڪئي وڃي، هتي مردم شماري گهٽ ڇو ٿي ڏيکاري وڃي؟ قبائي عوام جي آبادي گهٽ ڏيکاري انهن کي حقن کان محروم ڪرڻ جي رِٿ رٿي وئي آهي، مرڪزي حڪومت فاٽا ريفارمز کان ڀڄي رهي آهي. هن چيو ته آئين جي شق 62، 63 جو بچاءُ ڪنداسين، سياستدانن سميت سڀني جي آرٽيڪل 62، 63 لاڳو ڪيو وڃي.27

اي پيپر