ڪراچي (اين اين آءِ) فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ غلط انگ اکر ظاهر ڪري 45 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي اسڪينڊل ۾ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ 64 وڏيون مڇيون شامل آهن جن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي دستاويزن موجب سيڪشن ٿري ون سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990 جي تحت هڪ رجسٽرڊ شخص قابل ٽيڪس سپلاءِ تي ليوي، سيلز ٽيڪس ادا ڪندو، سيڪشن 26 ايڪٽ تحت هر رجسٽرڊ شخص مقرر تاريخ تائين صحيح رٽرن فائل ڪندو، دستاويزن موجب ايف بي آر جي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، فيصل آباد سميت 15 فيلڊ آفيسن ۾ 64 ٽيڪس ڏيندڙن پنهنجي 14-2013 جي مالي سال 16-2015 دوران انڪم ٽيڪس رٽرن پنهنجي سيلز جا ٻه مختلف انگ اکر پيش ڪري جمع ڪرايا انهن ٽيڪس ڏيندڙن سيلز تي گهٽ انگ ظاهر ڪري اربين رپين جو ٽِڪس چوري ڪيو جڏهن ته بئي پاسي انڪم ٽيڪس رٽرن ۾ پنهنجي سيلز وڌيڪ ظاهر ڪري رٽرن جمع ڪرائي ڇڏي ۽ قومي خزاني کي 45 ارب 12 ڪروڙ 48 لکن کان وڌيڪ سليز ٽيڪس جي مد ۾ نقصان پهچايو اهڙي بي ضابگي ۾ ڪيترائي وڏا نالا شامل آهن دستاويزن موجب مائل اسٽون آئلن اين ٽي اين 4276939 آر ٽي او راولپنڊي پنهنجي سيلز کي ظاهر نه ڪيو ۽ رٽرن فائل ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري قومي خزاني کي 7 ڪروڙ 48 لک رپين جو نقصان پهچايو ويو آر ٽي او اسلام آباد ۾ ميٽرو گارڊ پرائيويٽ لميٽيڊ جولاءِ 2015 کان جون 2016 ۾ گهٽ سيلز ظاهر ڪئي ۽ انڪم ٽيڪس رٽرنن ۾ وڌيڪ ظاهر ڪئي جنهن سبب ملڪي خزاني کي ڇهه ڪروڙ 22 لک رپين کان وڌيڪ نقصان پهتو پاڪستان اسٽيٽ آئل به 2016 دوران 557 ارب رپين جي سيلز ٽيڪس رٽرن ۾ ظاهر ڪئي جڏهن ته انڪم ٽيڪس رٽرن ۾ 677 ارب رپين جي سيلز ظاهر ڪئي وئي اهڙي طرح 120 ارب رپين جو 40 ارب رپين جو سيلز ٽيڪس ڦٻايو ويو جوهانسن پاڪستان پرائيويٽ غلط انگ اکر ظاهر ڪري 29 ڪروڙ کان وڌيڪ جو سيلز ٽيڪس لڪائي ورتو دستاويزن موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان سفارش ڪئي آهي ته قومي دولت واپس ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.