اسلام آباد: (بيورو) ايف بي آر پنجن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ۾ وڏي ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته اقتصادي رابطه ڪميٽي سڀاڻي پيٽروليم شين جي قيمتن جو جائزو وٺندي.تفصيل موجب ايف بي ر پنجن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ۾ وڏي ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي. جاري نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 17 فيصد کان گهٽ ڪري 2 فيصد، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس 17 فيصد کان گهٽ ڪري 13 فيصد، گاسليٽ تي سيلز ٽيڪس 17 فيصد کان گهٽ ڪري 8 فيصد ۽ لائٽ ڊيزل آئل تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 فيصد کان گهٽ ڪري نو فيصد ڪري ڇڏي آهي.ايف بي آر موجب سيلز ٽيڪس جا نوان ريٽ 5 مئي کان لاڳو ٿيندا. ٻئي طرف پيٽروليم شين جي قيمتن جي معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ اي سي سي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.