اسلام آباد(شهباز رانا)ايف بي آر ٽيڪس وصولين جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو،صوبا به ڪيش جنريٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا،ناڻي وزارت کي اميدن مطابق ٻاهرين قرضن جي حصول ۾ مشڪلات،پاڪستان پاران چين کان ٻن سالن لاءِ 3.4 ارب ڊالر جي قرض وصولي ملتوي ڪرڻ واري مطالبي تي به اڳڀرائي نه ٿي سگهي،صوبا به مالي مشڪلات جو شڪار ٿيڻ لڳا،آءِ ايم ايف پروگرام تي صحيح ڪرڻ وقت عالمي مالياتي اداري جو خيال هو ته هلندڙ مالي سال پاڪستان کي 2.5 ارب ڊالر جا اضافي قرض وٺڻا پوندا،پاڪستان سرڪار جو خيال هو ته 2.5 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ 3.4 ارب ڊالر قرضن جون خاطريون موجود آهن، سموريون نظرون ايف بي آر تي هڻڻ بدران ناڻي وزارت جي ڪارڪردگي تي به نظر رکڻي پوندي،ناڻي وزارت جي حد کان وڌيڪ خود اعتمادي ۽ غيرحقيقت پسنداڻي پروگرام تي صحيح ڪرڻ سبب آءِ ايم ايف جو مشن ايندڙ سال فيبروري،مارچ بدران نومبر ۾ ئي پاڪستان پهچي ويو،وزيراعظم شهبازشريف لاءِ اها ويڪ اپ ڪال آهي، سعودي عرب پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر جو اوڌر تي تيل ڏيڻ جي منظوري نه ڏني،آءِ ايم ايف وفد اوچتو اسلام آباد پهچي ويو،پاڪستان کي ٻين ملڪن کان مليل خاطرين تي عمل نه ٿيو، پاڪستان تاريخ جو مهانگو ترين قرض 600 ملين ڊالر جو اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ سان 11 سيڪڙو وياج تي وٺڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون هيون،معاملو ميڊيا تي اچڻ بعد حڪومت وضاحتون ڏيڻ شروع ڪيون، آءِ ايم ايف به بيان ڏيڻ تي مجبور ٿي وئي ته ان قرض سان اسان جي پروگرام جو ڪو به تعلق ناهي،حڪومت آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي هئي ته 2.5 ارب ڊالر جو خال پورو نه ٿيو ته اسان متبادل قدم کڻنداسين،پاڪستان اهي قدم نه کنيا ته عالمي مالياتي اداري جو دٻاءُ وڌندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو