ايس اين پي پاران دهشتگردن خلاف آرمي چيف پاران اعلانيل ردالفساد آپريشن کي وقتائتو قدم قرار
February 23, 2017 at 8:31 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ، الطاف مهر، احمد سومرو ۽ ٻين دهشتگردن خلاف آرمي چيف پاران اعلانيل ردالفساد آپريشن کي وقتائتو قدم قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيوآهي، عوام کي دهشتگردي مان نجات ڇوٽڪاري جي اميد ڪري آپريشن جي آجيان ڪريون ٿا،هنن وڌيڪ چيو ته ردلفساد آپريشن کي دهشتگردي ڪندڙ تائين محدود ڪيو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڳ ئي احساسي محروم جنم ورتل آهي، جيڪڏهن ردلفساد آپريشن جي آڙ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي ڪارڪنن خلاف آپريشن ڪيوويو ته اهڙي آپريشن سان سنڌين ۽ بلوچن ۾ احساسي محرومي وڌي ويندي ۽ ردلفساد آپريشن نتيجا خيز نه رهندو، هنن وڌيڪ چيو ته ملڪي تاريخ گواھ آهي ته سنڌي ڪٿي به دهشتگرد ڪارواين ۾ ملوث ناهن، 68 سال اڳ سائين جي ايم سيد مذهبي انتهاپسندي خلاف دنيا کي آگاهي ڏني، جنهن جي سزا طور اڄ سنڌي ماڻهن کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ جو ڍونگ رچايو پيووڃي، پارٽي جي ميڊيا سيل تان سنڌ جي قومپرست اڳواڻن ڪارڪنن کي دهشتگرد ظاهر ڪرڻ واري عمل جي ردِ عمل ۾ جاري ڪيل پريس بيان ۾ هنن چيو ته دهشتگردن بدران ڌرتي ڌڻين سيڪيولر سوچ رکندڙ ترقي پسند ۽ قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن کي دهشتگرد ڪري پيش ڪرڻ واري عمل سان سنڌ جي سياسي حلقن جا تحفظات وڌي ويا آهن، جيڪڏهن مذهبي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻو آهي ته پوءِ قومپرست پارٽين خلاف مهم ڇو هلائي پئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان ڌارين جي آبادڪاري ختم نه ٿيڻ تائين مذهبي انتهاپسندي ختم نه ٿي سگھندي، وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ جوڳا اپاءٌ وٺي.