ڪشمور(ڊ ر) سنڌ نيشنل تحريڪ جي چيئرمين اشرف نوناري جي شهادت تي سنڌ عوامي پارٽي طرفان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، انهي موقعي تي سنڌ عوامي پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، احمد سومرو، احسان الاهي ڄامڙو، راڻو غفار علي، محمد ابراهيم ڊومڪي، فاروق نائچ ۽ ٻين اشرف نوناري جي شهادت تي گهري غم ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته اشرف نوناري جو وڇوڙو سنڌ جي قومپرست تحريڪ لاءِ وڏو سانحو آھي. سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ جا قومي ڪارڪن هڪ بهادر اڳواڻ کان محروم ٿيا آهن. اشرف نوناري سنڌ جو يگانو عاشق هيو. جنهن جو خال ڀرجڻ ناممڪن آھي، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ، ڌاري آبادگاري، ڪالا باغ ڊيم، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سميت سنڌ جي هر ڏک تڪليف ۾ پاڻ ملهايو، ھنن چيو ته اشرف نوناري جي شهادت بعد سندس وارثن پاران کيس قتل ڪرڻ واري خدشي کي نظر ۾ رکندي اسين گهر ڪريون ٿا ته وارثن جي خدشي موجب اشرف نوناري جي قتل جي جاچ ڪرائي وڃي.