ايران يورپي ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو

تهران (م ڊ) ايران يورپي ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته  جيڪڏهن ايران کي ميزائلن جي تيارين کان روڪيو ويو ته ايران پنهنجن ميزائلن جي رينج ۾ واڌ ڪري ڇڏيندو. تفصيلن موجب يورپي يونين پاران ايران کي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام نه روڪڻ جي صورت ۾ ايران تي نيون پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد ايران ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ لفظي ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي. سپاهه پاسداران انقلاب جي ڊپٽي ڪمانڊر بريگيڊيئر جنرل حسين سلامي چيو آهي ته يورپي يونين يا ڪو ٻيو ملڪ ايران کي ميزائل کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسان پنهنجن بيلسٽڪ ميزئلن جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪري ڇڏينداسين.جنرل حسين سلامي چيو ته ايران تي ميزائل جي رينج ۽ صلاحيتن ۾ واڌ بابت ڪا پابندي نه آهي، ايران پنهنجون بڃاءَ وارين ضرورتن موجب ميزائل ٽيڪنالوجي تيار ڪندو ۽ وقت سان گڏوگڏ انهن ۾ تبديلي به ڪندو. واضح رهي ته 2 فيروري تي انقلاب جي 40 سالگرهه تي جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڊگھي مار ڪندڙ ڪروز ميزائلن جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو هو، ميزائل 1300 ڪلوميٽرن کي پنهنجي هدف جو نشانو بڻائي سگھي ٿو. ايراني بڇاءَ واري وزير عامر هتامي موجب ايران ۾ انقلاب کي 40 ورهه مڪمل ٿيڻ تي ڏهن ڏينهن جو جشن ملهايو پيو وڃي، 1300 ڪلوميٽرن تائين هدف کي نشانو بڻائيندڙ ڪروز ميزائل گھٽ اونچائي تي به اڏي سگھي ٿو ۽ پنهنجي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *