ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايران مان واپس ايندڙن جا ٻار جيڪڏهن اسڪول وڃن ها ته ڪورونا جو مسئلو وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ها.ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير ڪابينه کي ڪورونا وائرس تي بريفنگ ڏني. مراد علي شاهه چيو ته مان ذاتي طور تي هن مسئلي کي ڏسي رهيو آهيان ۽ روزاني جي بنياد تي سمورن لاڳاپيل ادارن جي نمائندن سان گڏ اجلاس به ڪري رهيو آهيان.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چين مان ايندڙ مسافرن کي 14 ڏينهن ڪورنٽائن(قرنطينه) ۾ رکڻ کان پوءِ واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. ايران مان واپس ايندڙن ۾ 2 ڄڻن اندر ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو آهي. اسان ماڻهن کي گهرن ۾ به آئيسوليشن(اڪيلائي) ۾ رکيو آهي.مراد علي شاهه چيو ته جيڪي ايران مان آيا آهن ان جا ٻار به اسڪول وڃن ها ته مسئلو وڌي وڃي ها. ٻارن جو اسڪول وڃڻ لازمي آهي شاپنگ سينٽر وڃڻ لازمي ناهي. جيڪي ماڻهو ايران کان آيا آهن ان کي آئيسوليشن ۾ 13 مارچ تي 14 ڏينهن ٿي ويندا ان کان پوءِ اسان اسڪول کولينداسين.