ايران دهشتگردي ۾ سهڪار ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي: جيمز ميٽس

February 6, 2017 at 7:13 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ٽوڪيو(م ڊ) نئين آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس ايران کي دهشتگردي ۾ سهڪار ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ٽوڪيو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جيمز ميٽس جو چوڻ هو ته ايران کي جيڪو وڻي اهو ڪري هو دنيا ۾ دهشتگردي ۾ سهڪار ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. هن چيو ته ايران خطي جي ڪري في الحال وچ ڏکڻ ۾ آمريڪي فوجين جي انگ ۾ واڌ جو به ارادو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران تي هلندڙ پابندي بيلسٽڪ ميزامل تجربي ۽ ٻين سرگرمين جي ڪري لڳائي وئي. عالمي برادري ايران جي سرگرمين جو نظرانداز نه ڪندي.

اي پيپر